اڀوڳي ڪانڙو

اڀوڳي ڪانڙو (راڳڻي ):مشر ميل راڳڻي آهي. گنڌار ڪومل اٿس. نکاد ۽ پنچم ورج باقي سر شڌ اٿس. ورن ۾ اوڍو- اوڍو آهي. هن راڳڻي جو خاص سرگم هي آهي: ساري گاما- ڌا گا ما ري – ڌِا سا ساري- گاماڌا ما- گا ما ڌاما- گا ما ري ڌِا- سا سا ڌاگا- ماري ڌِاسا. هن راڳڻي جي آروهي ڌا سا ري گا ما ڌا ڌا سا ۽ امروهي سا ڌا ما گا ما ري ڌا سا آهي ۽ هن جو وادي سُرگنڌار آهي ۽ سموادي سُر ڌيوت آهي. هيءَ راڳڻي رات جي ٻئي پهر ۾ ڳائبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو